آصف رزاق مھر

آصف رزاق مھر

آصف رزاق مھر

آصف رزاق مھر: ڪھاڻيڪار آصف رزاق مھر 3 فيبروري 1980ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. انٽر تائين تعليم لاڙڪاڻي مان، جڏهن ته گريجوئيشن ۽ ايم اي انگريزي ادب جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. ان کان علاوه ايم اي انگريزي لسانيات جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 2011ع ۾ مقابلي جو امتحان پاس ڪري انگريزي ادب جو ليڪچرر ٿيو. هو هن وقت اسسٽنٽ پروفيسر آهي ۽ ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي. سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ ڊراما لکيل آهن. مشھور ڪھاڻيڪار ۽ ڊراما نويس رزاق مھر سندس والد هو.


لفظ آصف رزاق مھرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو